اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ??هي ته صحافت ۽ س??اس?? جو اڻ ٽُٽ ساٿ آهي، جمهوريت ۾ اختلاف راءِ معمول جي ڳالهه آهي، آئون پاڻ صحافي برادري ??ان آهيان، سدائين اظهار راءِ جي آزادي جو حامي رهيو ??هيان ۽ اڃا به ان تي قائم آهيان. اها ڳالهه هن پا??ليامينٽ هائوس جي پريس لائونج ۾ پي آر اي جي صدر عث??ان خان ۽ ٻين صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پي آءِ او طارق خان به موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ??ه سمورن صحافين سان سدائين عزت ۽ احترام جو رشتو رهيو ??هي. هن چيو ??ه ڪجهه وقتن تي سخت ڳالهيون به ٿي وينديون آهن پر اهو جمهوريت جو حصو آهي. اسان گذريل ڏينهن هڪ پريس ريليز به جاري ڪئي هئي، جيڪا نگران حڪومت جي ترجماني ڪري ٿي.