اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آزا?? ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزا?? ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم کي آزا?? ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي آزا?? ڪشمير ۾ توانائي، پاڻي ذخيرن، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي پراڻي مسئلن جي حل تي آزا?? ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين سان گ?? بيٺل رهندو. ملاقات ۾ آزا?? ڪشمير جو چيف سيڪريٽري دائود محمد باريچ پڻ موجود هو.