اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي ??اڻي جي کوٽ جي وڌندڙ بحرا?? کان بچائڻ جي لاءِ زراعت ۾ ڊرپ ۽ اسپري ايريگيشن جهڙن پاڻي جي گهٽ خرچ ۽ سمارٽ طريقن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، زر??ي شعبو ملڪ جو اٽڪل 95 سيڪڙو پاڻي استعمال ڪري ٿو جنهن جي لاءِ پاڻي جي استعمال ۾ بچت جي حوالي سان فوري منصوبابندي ۽ سڌارا ڪرڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ منعقد موسمياتي لحاظ کان لچڪدار پاڪستان ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي نظام جي لاءِ تبديلي جي رستي جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي ??ڊيو لنڪ خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، پاڪستان ڪائونسل ريسرچ واٽر ريسورسز، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت، پاڻي وسيلن واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ يونيسيف ڪيو جنهن ۾ عالمي ۽ مقامي پاڻي ماهرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان کي ??نهنجي موجوده پاڻي وسيلن کي ??حفوظ بڻائڻ جي لاءِ موثر انتظام جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ دنيا جي 10 سرفهرست ملڪن ۾ شامل آه??. ه?? چيو ته پاڪستان کي درپيش پاڻي جو بحران سڀ کان اهم چئلينجن مان هڪ آهي جيڪو آبادي ۾ تيزي سان اضافي، شهرن جي ڦهلاءُ، صنعتڪاري، پاڻي وسيلن جي کوٽ، ماحولياتي بگاڙ، موسمياتي تبديلين ۽ غيرمعقول انساني روين جي ڪري وڌي ٿو. هن هيٺئين سطح تي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ تحقيق ۽ فني جدت ت?? زور ڏنو ۽ چيو ته آبادگارن کي ??اڻي جي تحفظ، برسات جي پاڻي کي زخيرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آه??. ه?? وڌيڪ چيو ته ڪميونٽي جي شموليت ۽ قانونن جو نفاذ پاڻي جي موثر انتظام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان جا آبادگار آبپاشي جي روايتي طريقن تي دارومدار ڪن ٿا جنهن سان پاڻي ضايع ٿئي ٿو جڏهن ته دنيا ڊرپ ۽ اسپري آبپاشي ۽ پاڻي جي ري سائيڪلنگ تي عمل ڪري ٿ??. ه?? چيو ته جيڪڏهن آبادگار متبادل فصل جي چونڊ ڪن ته جيڪو پاڻي جي استعمال جي حوالي سان گهٽ خرچ ٿئي ته فرق پئجي سگهي ٿو. ان موقعي تي صدر هالينڊ جو حوالو ڏنو جيڪو زميني ڪاٿي ۾ پاڪستا?? کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر بهتر طريقا استعمال ڪري خوراڪ جي مصنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روين ۾ تبديلي تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي جي استعمال جا اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن جيڪي سستا ۽ فني طور تي بهتر هجن. پاڻي جي زيا?? کان بچڻ جي لاءِ زراعت ۽ شهري علائقن ۾ پاڻي جي قيمتن جو تعين ضروري آه??. ه?? چيو ته اسان کي ??يلي ميٽري سسٽم کي بهتر بڻائڻو آهي ۽ پاڻي جي منصفاڻي استعمال تي صوبن جي وچ ۾ اعتمادسازي جو نظام تيار ڪرڻو آهي، ان ڏس ۾ سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سسٽم مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن نشاندهي ڪئي ته واٽر پمپنگ پاڻي ذخيرن جي سطح کي ??تاثر ڪيو آهي ۽ ان جي کوٽ کان بچڻ جي لاءِ روايتي پاڻي ذخيرن کي ري چارج ڪرڻ جي طريقن جي ضرورت ت?? زور ڏنو. صدر صنعتي گندڪچري کي سمنڊ ۾ ڇڏڻ کان بچڻ جي لاءِ پاڻي جي نيڪالي جي موثر نظام جي ضرورت ت?? پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز ڊاڪٽر حفضه رشيد، انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر بنيود هوماتوف ۽ ڊاڪٽر جوآن ڪارلوس سانچيز راميرز، انٽرنيشنل فوڊ پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ مان ڊاڪٽر اسٽيفن ڊيوس ۽ آسٽريلين سينٽر فار انٽرنيشنل ايگريڪلچرل ريسچر مان ڊاڪٽر نيل لازارو پڻ خطاب ڪيو.