لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ۽ نجي شعبي جي حصيداري سان ترقياتي ماڊل قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ مثبت نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿو، ڪا??وبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪا??وبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هو بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۾ واپاري برادري سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، بزنس ڪميونٽي سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر پنجاب حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموريون سهولتون ميسر هونديون، وفاقي حڪومت ڪا??وبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته ڪا??وباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن سان روزگار جي موقعن، ٽيڪس ۽ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي خيال کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪا??وبار جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان کي سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ بلوچستان تائين وڌايو ويندو. هن وفاقي حڪومت پاران ڪا??وباري شعبي جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن ذريعي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. هن ڪا??وبار جي فروغ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.