ڪراچي – 02 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته زينب الرٽ ايڪٽ تي موثر عملدرآمد، واحد ٺوس هيلپ لائين ۽ گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي ج?? لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ ڌرين جي وچ ۾ ويجهي هم آه??گي جي ضرورت آه??، عوامي شڪايتون حاصل ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ عالمگير هيلپ لائين ۽ هڪ پليٽ فارم جي ذريعي گڏيل ۽ ٺوس ڪوششن جي نتيجي ۾ وڌيڪ موثر ۽ وقت سر نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روشني هيلپ لائين جيڪا هڪ غيرسرڪاري تنظيم آه?? جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته عوامي ۽ نجي شعبي ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون آه?? جيڪي شهرين کي ان ڏس ۾ ريليف فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ جدا جدا ڪم ڪري رهيون آه?? ۽ انهن وٽ شڪايتون وصول ڪرڻ ج?? لاءِ مختلف هيلپ لائينز آه?? جڏهن ته اهو شهرين کي الجهن ۾ وجهي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن سان رابطو ڪيو وڃي. بيگم ثمينه علوي تجويز ڏني ته عوامي شڪايتن ۽ هنگامي امداد ج?? لاءِ ڪالز وصول ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ واحد ۽ ٺوس هيلپ لائين هجڻ گهرجي ۽ مختلف ڊومينز ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ادارا هڪ ڇت جي هيٺ ڪم ڪن ته جيئن شهري هيلپ لائين تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهن ۽ فوري ۽ موثر ڪارروائي ج?? لاءِ سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل اداري معاملي کي ريفر ڪري سگهجي. روشني هيلپ لائين جي باني محمد علي ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن خاتون اول کي ٻارن جي تحفظ خاص طور تي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ج?? لاءِ تنظيم جي ويزن، ڪارڪردگي ۽ قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين انساني حقن واري وزارت، سنڌ پوليس، صوبائي ٻارن جي تحفظ جي ادارن، پاڪستان ريلويز، اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ڪيترن ئي ٻين سرڪاري ۽ غيرسرڪاري تنظيمن سان رابطو رکي ٿي. هن ٻڌايو ته روشني هيلپ لائين 20 هزار کان وڌيڪ خاندانن جي مدد ڪئي آه?? ۽ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 9 هزار کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ مدد ڪئي آه?? جڏهن ته آگاهي ۽ پهچ کي وڌائڻ ج?? لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آه??. بيگم ثمينه عارف علوي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ج?? لاءِ روشني هيلپ لائين جي ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيو. بعد ۾ روشني ٽيم خاتون اول کي سووينيئر شيلڊ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي.