اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سومر ڏينهن ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪش??ير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي ما??هن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ڪش??يرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چي?? ته پاڪستان پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ٿو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ?? لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اس??امي تعاون تنظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ضمانت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چي?? ته ڪش??ير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان سڀ گڏجي ڪش??يري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا.