اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي صدر سينيئر صحافي پرويز شوڪت جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز شوڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پرويز شوڪت صحافين جو مضبوط آواز هو، صحافت جي شعبي ۽ صحافين جي ڀلائي جي لاءِ سندس خد??تن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.