اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عب??اللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ او??هه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ا??راني پرڏيهي وزير ان دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏيهي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ان کان اڳ ايران پا??ان هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پا??ان ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.