اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ ج?? سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ ج?? درخواست ڪئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت ??نه??جي ذميواري پوري ڪئي آهي، ڪمشن?? راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي ??نه??جي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ ج?? حوالي س??ن سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين ?? قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وزارت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ ج?? سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ ج?? درخواست ڪئي ويندي.