اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ص??ارت ۾ اجلاس ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي پاليسي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي جديد بنيادن تي نئين سر جوڙجڪ، بجلي چوري جي مڪمل خاتمي لاءِ سمارٽ ميٽرز هڻڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي حڪمن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاهدن جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ص??ارت ۾ غيرقانوني سرگرمين جي دائري جي خلاف قدمن جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيف آف آرمي اسٽاف، صوبائي وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطحي جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ڏوهاري مافيا ۽ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف قدم ه??ي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ڏوهاري مافيا، اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي وطن واپسي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪند??ن انهن قدمن جي پاڪستان جي عوام جي بهتري، اقتصادي ۽ فلاحي خوشحالي جي حوالي سان انهن قدمن جي مثبت اثرن کي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪند??ن اسمگلرن، ذخيره اندوزن ۽ مارڪيٽ اجاره دارن جي خلاف ڪارروائي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان عام شهرين کي فوري ريليف جي فراهمي ۽ معاشي بهتري حاصل ٿي سگهي. اجلاس بجلي چوري جي خاتمي جي پاليسي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي جديد بنيادن تي نئين سر جوڙجڪ، بجلي چوري جي مڪمل خاتمي لاءِ سمارٽ ميٽرز هڻڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي حڪمن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاهدن جي منظوري ڏني. چيف آف آرمي اسٽاف اجلاس کي پاڪستان آرمي پاران ملڪ جي معاشي بحالي جي حڪومتي قدمن جي لاءِ ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي غيرقانوني سرگرمين ۽ ڏوهاري مافيا کي مقرر مدي جي اندر سزائون يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم ڀرپور انداز ۾ کڻن.