اسلا?? آباد – 22 – اپريل (اي پ?? پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسلا?? آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سينٽر جو دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايراني خاتون اول يتيم ٻارن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. هن قوم جي ڪامياب مستقبل جي لاءِ نوجوان نسل جي حم??يت جي اثرن تي پڻ روشني وڌي. ان موقعي تي فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي ٻ??رن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.