رياض – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب رياض جي رائل ايئرپورٽ ??رمينل تي سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن، پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير، سعودي عرب ۾ پاڪست??ن جي سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي رخصت ڪيو. عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي وزيراعظم سعودي ??لي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود، ڪويت جي ام??ر شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم، سعودي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي حوالي سان پڻ انتهائي اهميت رکندڙ هو.