اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024?? جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ??يو??يز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آهي. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب ترميمي بل جي ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990?? جي سيڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43 بي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005?? جي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001?? جي سيڪشن 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ٽيڪس قانون ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو. صدر ترميمي بل جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.