اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته بلوچستان جي عوام ??ي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس مل??قا?? ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال ۽ بلوچستان جي مختلف ترقياتي منصوبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??يو ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ ملڪي معيشت کي پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا. هن ??يو ته بلوچستان جي عوام ??ي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. مل??قا?? ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عثمان باديني ۽ نور عالم خان پڻ موجود هئا.