اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششن سان آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ اح??جاجي تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت آزاد ڪ??مي?? جي ڀينرن ڀائرن جي لاءِ 23 ارب رپين جي امدادي رقم جو اعلان ڪ??و آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته اح??جاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ معام??ن کي خراب ڪرڻو آهي، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، عوام جي مسئ??ن کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪ??مي?? جي معاملي تي ڪالهه سمورين اتحادي پارٽين سميت اسان سڀني اجلاس ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ فوري فيصلا ڪيا ويا، آزاد ڪ??مي?? ۾ جيڪا هڪ اح??جاجي تحريڪ شروع ٿي هئي انهن جا مطالبا به اسان ٻڌا ۽ 23 ارب رپين جي وڏي رقم جو آزاد ڪ??مي?? جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ اعلان ڪ??و. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪ??مي?? جي عوام سان ملڻ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ مظفرآباد ويندس، گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ اح??جاجي تحريڪ اڄ ختم ٿي وئي آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ مالي نقصان به ٿيو، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، انهن واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ڪجهه شهري به شهيد ۽ ڪجهه پوليس ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا. وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي فرمان موجب ڪ??مي?? پاڪستان جي شهه رڳ آهي، اتي امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، آزاد ڪ??مي?? جي وزيراعظم سان منهنجي ڳالهه ٿي، اسان کي عوامي نمائندن جي حيثيت سان عوام جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ گهرجي، عوام جي مسئ??ن کي گڏجي ويهي طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آزاد ڪ??مي?? جي حڪومت تمام گهڻو تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته اح??جاجي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ معام??ن کي خراب ڪرڻو آهي، اح??جاج دوران انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، اڄ اها تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري، آزاد ڪ??مي?? ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي وزيراعظم سميت سمورن اڳواڻن جي تعاون تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته آزاد ڪ??مي?? وڃي معام??ن کي پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ انشاءَ الله انهي جذبي کي فروغ ڏينداسين ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڪستان تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. ان موقعي تي آزاد ڪ??مي?? ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.