اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين ا??ير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تع??يت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تع??يتي بيان ۾ چ??و ويو آهي ته ا??ان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تع??يت جو اظهار ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ا??ان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين ا??ير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ا??ران لاڳاپن ۽ علائقائي تع??ون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رک??و ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چيو ته ا??لامي جمهوريه پاڪستان ا??ران سان دوستي ۽ تع??ون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.