ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي ??زير شزه فاطمه خواجه چ??و آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان بهترين ملڪ آهي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آ??ِ ايف سي) تحت سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ ٽي واري مملڪتي ??زير پاڪستان ۽ يو اي اي جي آءِ ٽي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظ?? شهباز شريف رائونڊ ٽيبل سيشن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ??و اي اي ۽ پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. شزه فاطمه چيو ته مختلف ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي ??عيشت، گورننس ۽ سوسائٽي کي ڊيجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ ٽي سيڪٽر موجوده حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ۽ ترقي حصيداري کانسواءِ ممڪن نه آهي، حڪومت سنڀاليندي ئي وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي پنهنجي ترجيح قرار ڏنو. ان موقعي تي ??اڪستاني ۽ اماراتي آءِ ٽي ڪمپينن جي وچ ۾ ٽن معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.