راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي ??رمني پهچي ويو. جرمني جي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقاتون ڪ??ون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق جرمني جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪارشن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. جرمن هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آرمي چيف جرمني آرمي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس سان به ملاقات ڪئي ۽ جرمن آرمي چيف سان فوج جي دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي ??هولتن جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف وفاقي چانسلر جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي مشير جينز پلوٽنر، پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي ??يڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪ??ون. جرمن قيادت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، جرمني آرمڊ فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪندو جتي هو مختلف ملڪن مان ڪ??رس ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندو ته جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي روشني ۽ گڏيل قومن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي ??وشني وِجهن.