اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ مستحڪم اقتصادي حصيداري تي ٻڌل وسيع ال??نياد لاڳاپن کي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي ??يا??ي مشاورت جو 18 هون دور منعقد ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير ش??قت علي خان پاڪستان پاران قيادت ڪئي جڏهن ته سوئيڊن پاران سوئيڊن جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پرڏيهي وزارت جي گلوبل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه سفير ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ نمائندگي ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جنهن ۾ ??يا??ي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل هئا. سوئيڊن پاران پاڪستان کي سوئيڊن ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي پڻ بحث هيٺ ??ئي. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ يورپي يونين سميت گهڻ رخي فورمز تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي هم آهنگي تي اتفاق ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل پرڏيهي سيڪريٽري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان سوئيڊن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وا??ح رهي ته پاڪستان ۽ سوئيڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.