اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي ۾ تخته بيگ ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پوليس ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪ??رن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪ??رن کي خراج عقيدت پيش ڪ??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان وڙهندي ملڪ جي خاطر شهات ماڻيندڙ پوليس اهلڪار اعجاز ۽ ايف سي جي اهلڪار شهزاد کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني فوج، پوليس ۽ قانون لا??و ڪندڙ اد??رن جون پاڪستان ۾ امن جي لاءِ لازوال قربانيون آهن. پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ مت??د آهي.