اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي م??لي??تي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو، قرضن کان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ??يان موجب آءِ ايم ايف پاڪستان سان 37 مهينن جي قرض پروگرام تي آمادگي جو اظهار ڪيو، جنهن تحت پاڪستان کي 7 ارب آمريڪي ڊالرز ملندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا، مشڪل فيصلن جا ثمر معاشي استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جو ٿورائتو آهيان. حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري ??کيون پئي اچي، آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ م??لي??تي ۽ مانيٽري پ??لي??ي کي مضبوط بڻائڻ جي قد??ن سان گڏوگڏ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪيو ويندو، گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا ۽ معاشي استحڪام کي هٿي حاصل ٿي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزي?? محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم ۽ صوبن جي وڏن وزيرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻجندو، انشا الله قرضن مان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي استحڪام کان مضبوط ۽ پائيدار بحالي طرف وٺي وڃڻ اسان جو عزم آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي، جنهن ڏينهن اسان قرضن مان نجات حاصل ڪنداسين. حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳيان وڌائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انهن قد??ن سان ملڪ جي اقتصادي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي راهن جو تعين ڪرڻ سان مدد ملندي. حڪومت پ??لي??ي سڌارن ۽ م??لي??تي هدف کي سختي سان عملدرآمد ڪري ملڪ جي گهٽ آمدني واري ??بقي جو سهارو بڻي. وزيراعظم چيو ته اسان معيشت ۾ بهتري لاءِ ايڪسچينج ريت کي مستحڪم ڪيو، پائيدار اوسر واري ??رح حاصل ڪرڻ لاءِ قد?? کنيا، پاڪستان کي استحڪام جي مرحلي کان اڳتي وٺي وڃي طاقتور معيشت طرف وڃڻو پوندو. انشا الله اسان جي قد??ن سان معاشي ترقي جو سفر مڪمل ٿيندو.