اسلام آباد -14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيلم جهلم پاور پر??جيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪميٽي جوڙڻ ۽ هن اهم پر??جيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت ۽ خرابين جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيلم جهلم پاور پر??جيڪٽ جي حوالي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيلم جهلم پاور پر??جيڪٽ ۾ پيدا ٿيل هاڻوڪي خرابي جي جاچ ڪرڻ واري جاچ ٽيم ڪميٽي جي سربراهه اڳواڻي گهرو سيڪريٽري شاهد خان طرفان شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پر??جيڪٽ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي هيڊريس ٽنل ۾ 29 اپريل 2024ع تي فشار ۾ گهٽتائي سبب بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي. ۽ 2 ??ئي 2024ع تي پاور پلانٽ مان بجلي جي پيداوار مڪمل طور بند ٿي وئي، منصوبي جي بندش سان قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جنهن جاءِ تي موجوده خرابي پيدا ٿي آهي، هي راڪ برسٽ زون آهي. بريفنگ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران 2021ع ۾ به هيڊريس ٽنل ۾ فشار ۾ ??ير معمولي گهٽتائي سبب منصوبي مان بجلي جي پيداوار ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، پر فشار ۾ هن ??ير معمولي تبديلي کي نظر انداز ڪندي رپورٽ نه ڪيو ويو ۽ معاملي کي ڄاڻي واڻي دٻايو ويو. پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور دوران 2021ع ۾ نيلم جهلم پاور پر??جيڪٽ ۾ ٿيل خرابي جي حوالي سان مرمت جو ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، جنهن سان نقصان ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هي هڪ مجرماڻي غفلت هئي. نيلم جهلم پاور پر??جيڪٽ ۾ 2021ع ۾ پيدا ٿيل خرابي کي به جاچ رپورٽ جو حصو بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سال 2022ع ۾ منصوبي جي ٽيل ريس ٽنل ۾ خرابي سبب بجلي جي پيداوار معطل ٿي ۽ جهلم هائيڊرو پاور پر??جيڪٽ جي تعمير جي حوالي سان جيو فزيڪل ۽ سيسمڪ سببن کي نظر انداز ڪيو ويو، هيڊريس ٽنل جي مناسب ڪنڪريٽ لائننگ نه ڪئي وئي، منصوبي جي وقت سر ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن نه ڪرائي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم نيلم جهلم پاور پر??جيڪٽ جي هاڻوڪي بندش جي حوالي سان جاچ رپورٽ فوري طور مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي پر??جيڪٽ ۾ پيدا ٿيل خرابين جي حوالي سان ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. وزيراعظم چيو ته ماهرن نشاندهي ڪئي ته ڊزائن ۾ خرابيون آهن. ڪانڪريٽ لائيننگ نه ڪئي وئي. هي ڪيتري نه بدقسمتي جي ڳالهه آهي جو ايڏي وڏي ۽ اهم منصوب?? ۾ ??جرماڻي غفلت ڪئي وئي. وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته منصوبي جي حوالي سان تفصيلي جيولوجيڪل سروي ڇو نه ڪرائي وئي؟ منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن نه ڪرائي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي. وزيراعظم نيلم جهلم هائيڊرو پاور پر??جيڪٽ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي حوالي سان فوري ڪميٽي بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير، پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل، واپڊا چيئرمين، اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.