اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انساني حقن جي ڪميٽي تازو ئي ڀارت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان ??يو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موبائيل ان??رن??ٽ سروس جي مسلسل معطلي بابت اهم سوال ??ٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج?? خراب صورتحال ??ابت عالمي انساني حقن جي مشينري جي مسلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان ??يو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خاتمو ڪري.