اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??ان?? فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني وفد وزيراعظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مخ??لف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مخ??لف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چيني قيادت، صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي س??ن حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي ر??ان??ي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مخ??لف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مخ??لف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. وزيراعظم پنهنجي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وفد کي پاڪستان جي مخ??لف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چيني وفد جي سربراهه چيو ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.