اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان لاءِ سوئيڊن جي ??ئين سفير اليگزينڊر رابرگ و??ن لنڊي اسلام آباد پهچي وئي آهي. گذريل ڏينهن سوئيڊن جي سفارتخاني پاڪستان ۾ نئين مقرر ٿيل سفير جي اسلام آباد آمد جو اعلان ڪيو. اليگزينڊر رابرگ و??ن لنڊي پاڪستان ۾ سوئيڊن جي سفير طور باضابطا طور پنهنجو عهدو سنڀاليو آهي. سندس مقرري کان اڳ اليگزينڊر رابرگ بنگلاديش ۾ سوئيڊن جي سفير طور ڪم ڪري چڪي آهي جڏهن ته هو ڪابل ۽ نئين دهلي ۾ سوئيڊن جي سفارتخانن ۾ به ??دمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي. هوءَ اسٽاڪ هوم ۾ پرڏيهي وزارت ۾ مختلف عهدن تي به ??هي چڪي آهي جن ۾ پرڏيهي وزير جي آفيس جي ??ائب سربراهه ۽ عالمي ترقياتي تعاون جي ??ن وزيرن جي چيف آف اسٽاف طور به ??دمتون ڏئي چڪي آهي.