ڪوئٽا-26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي ??وس??ٰ خي?? ويجهو دهشتگردي واري واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز احمد بگٽي ??وس??ٰ خي?? جي علائقي راڙاشم ۾ پيش آيل واقعي جي مذمت ڪندي قتل ٿيل ماڻهن جي خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪيو. هن واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته ??وس??ٰ خي?? ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. بلوچستان حڪومت دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪندي. هن بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ت?? هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.