ملتان-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ??ڳو??ي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جي والده، ??ڳو??ي خاتون ا??ل ۽ ??ڳو??ي ايم اين اي ڪلثوم نواز شريف جي 6 هين ورسي 11 سيپٽمبر تي ملهائي ويندي. ڪلثوم نواز 29 مارچ 1948ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي، 1972ع ۾ هن فارمين ڪرسچين ڪاليج مان اردو ادب ۾ بي اي ڪيو جڏهن ته پنجاب يونيورسٽي مان اردو شاعري ۾ ايم اي ڪيو. ڪلثوم نواز اردو ادب ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي. 1968ع ۾ سندس شادي ??ڳو??ي وزيراعظم نواز شريف سان ٿي. ڪلثوم نواز ٽي ڀيرا خاتون ا??ل ۽ نواز شريف ??ي جلاوطني دوران 1999ع کان 2002ع تائين پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر رهي. 11 سيپٽمبر 2018ع ڪينسر سبب لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.