اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??يا?? صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد ??لنبي ??ي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح ??ي موقعي تي ڪيو . سردار ??يا?? صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انسانيت جا محسن آهن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اسان کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اسان کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول ??ي مبارڪ مهيني ??ي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ ??ي ميمبرن ۽ ٻين ش??صيتن ش??ڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پارا رکيا ويا آهن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاحيتن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ ??ي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ن??يا?? ڪتاب رکيا ويا آهن جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.