نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف ۽ برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر پاڪ ??رطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محم?? شهباز شريف ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن، پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم رائيٽ آنرايبل سرڪيئر اسٽارمر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪ ??رطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم محم?? شهباز شريف معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي روشني وڌي. وزيراعظم محم?? شهباز شريف ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين جو ذڪر ??ند?? چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان برطانيا جي ٽئين وڏي ملڪ جو ذڪر ??ند?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ منصوبن تي روشني وڌي. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو ذڪر ??ند?? وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوامي رابطن جي فروغ ۽ متاسٽا سان گڏيل طور تي فائديمند ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.