اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي ??زير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي ??زير هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ مقابلي جي فضا ۽ ڪاميابي جي مقصد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پرائيويٽائزيشن ڪميشن جو عمل صاف ۽ شفاف ٿي سگهي. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي 225هين اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي ??زير عبدالعليم خان چيو ته نجڪاري ٿيندڙ قومي ادارن ۾ مارڪيٽنگ ۽ سيلز جي ”پچ“ کي برقرار رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته ادارن جي نجڪاري مان ملندڙ پئسن سان انهن جي ڪاميابي کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اجلاس ۾ وفاقي ??زير طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون ته نجڪاري لاءِ اخبارن ۾ ڏنل اشتهارن کي لاڳاپيل فائل جو حصو بڻايو وڃي ۽ نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ سمورن قانوني ضابطن تي سؤ سيڪڙو عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ، يوٽيليٽي اسٽورن سميت مختلف ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان معاملن تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسوءِ اجلاس ۾ نجڪاري جي ڪجهه فني معاملن جي تفصيلي جائزي کانپوءِ اهم فيصلا به ڪيا ويا. وفاقي ??زير نجڪاري ڪميشن بورڊ جي سمورن ميمبرن کي وڌ کان وڌ متحرڪ ۽ بورڊ جي ڪارروائ?? ۾ ??رڪت جي دعوت ڏني?? جنهن سان ان عمل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اجلاس کي وفاقي س??ڪر??ٽري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پرائيويٽائزيشن جي معاملن کي مڪمل قانوني تحفظ حاصل آهي ۽ ان لاءِ سمورا معاملا ضابطن مطابق پڄاڻيءَ تي پهچي رهيا آهن. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي ميمبرن گذريل اجلاس جي ڪارروائي سميت مختلف فيصلن جي منظوري به ڏني.