اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ج?? اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم ووبانگوو جي اوچتو لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آنجهاني ووبانگوو سي پي سي جو قابل اڳواڻ ۽ پاڪستان جو سچو دوست هو جنهن گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسانجون ه??در??يون آنجهاني خاندان ۽ چيني عوام سان گ?? آهن.