اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي موقعي تي مقامي ۽ غيرملڪي ميڊي?? جا نمائندا ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر مان فائدو کڻي سگهندا. پاڪ چائ??ا فرينڊشپ سينٽر ۾ قائم ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ليب، هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، ڊيجيٽل پرنٽر، ڊيجيٽل اسٽوڊيو، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ميڊيا لائبريري، ڪانفرنس روم سميت جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پ??لي ڪيشنز پاران ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر ۾ ڊيجيٽل لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر ۾ مقامي ۽ غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ انفارميشن ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران ميڊيا ف??سل?? ٽيشن سينٽر ۾ ايس سي اوڪانفرنس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت دستياب هوندي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير بهترين انتظامن تي اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.