اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جو صنعت ۽ واپار وارو وزير سيد محمد ??طا بيڪ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي ويو. افغانستان ۽ اولهه ايشيا لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري احمد نسيم وڙائچ نور خان ايئر بيس تي معزز مهمان جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر ايران جو سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پُڻ موجود هو. روايتي لب??س پهريل ٻارڙن مهمانن کي دگلدستا پيش ڪيا.م??مانن جي آجيان لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو. ان موقعي تي تقريب جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.