اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي سرگرم آهن. وز??راعظم آفيس جي پريس ونگ مان جا??ي بيان ۾ وز??راعظم فوت ٿيلن لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بلوچستان حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته معصوم ۽ هٿين خالي شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ه?? چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي سرگرم عمل آهن.