اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ ??رڏ??هي شهرين ل??ءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت مرڪز جي قيام ل??ءِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيا?? موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيس ڪيڊ خدمت مرڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي برادري ۽ ??رڏ??هي شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي ??پورٽ، مسواڙين جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏين جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ ??رڏ??هي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.