باڪو-21 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان ۾ رٿيل عالمي فورم ڪوپ 29 جي پڄاڻي تي مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ترڪيه جي ٽرانسپورٽ ۽ انفرااسٽرڪچر واري وزير عبدالقادر يورا لوغلو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪ?? وچ ۾ اڳ کان موجود ڀائراڻي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ واڌ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته پاڪس??ان ۽ ترڪيه جي دوستي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ پختي ايندي. هن چيو ته ترڪيه کان پاڪس??ان ۾ هر طرح جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. هن ترڪيه جي وزير کي خاص ڪري پاڪس??ان جي مواصلات جي شعبي ۾ جاري رٿائن کان آگاهه ڪيو ۽ ان ۾ ترڪيه کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان آذربائيجان جي ڊجيٽل ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپورٽ واري وزير راشد نبي اوف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ خاص ڪري باڪو ۾ رٿيل ڪوپ 29 جي ڪامياب سيشن کي ساراهيو ويو ۽ آذربائيجان ۽ پاڪستا?? وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي آئنده لائحه عمل تي غور ويچار ڪيو ويو. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته آذربائيجان ۾ پاڪستاني ڪميونٽي وڏي انگ ۾ تعليم، روزگار ۽ سياحت سان واڳيل آهي، پاڪس??ان آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ جي ٽو جي سرگرمين ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن باڪو ۾ پنهنجي قيام کي خوشگوار ۽ مثبت قرار ڏنو جنهن ۾ مختلف ملڪن جي وزيرن سان خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. ترڪيه ۽ آذربائيجان جي ٽرانسپورٽ جي وزيرن ڌار ڌار ملاقاتن ۾ پاڪس??ان کان وفاقي وزير عبدالعليم خان جي اڳواڻي ۾ وفد جي شرڪت کي ساراهيو ۽ کين پنهنجي ملڪن طرفان ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان باڪو آذربائيجان ۾ ڪوپ 29 جي فورم ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندي ٽرانسپورٽ سيشن ۽ ڊجيٽل مڊل ڪوريڊور اينڊ بيانڊ ۾ شرڪت ڪئي ۽ بين لوزارتي رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪئي ۽ ان جي آذربائيجان جي توانائي واري وزير ميڪائيل جيبا روف سان پڻ ملاقات ٿي، جڏهن ته مجموعي طور تي ان دوري ۾ پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ۽ مواصلات واري شعبي جي حوالي سان اهم رٿائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.