بهاولپور-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اوچ شريف ۾ ??ضر?? محبوب سبحاني جي مزار تي حاضي ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چڙهائي. هن پنهنجي ڪٽنب جي ٻين بزرگن جي مزارن تي به حاضري ڀري. ڪٽنب گيلاني ملتان، ڪٽنب گيلاني اوچ شريف ۽ ڪٽنب گيلاني جمال الدين وا??ا، اڳوڻي ايم اين سيد علي حسن گيلاني جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ سندس ڀائيٽي سيد غوث معين الدين گيلاني جي دستاربندي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم احمد محمود، سيد افتخار الحسن گيلاني، سيد احمد مجتبيٰ گيلاني، گادي نشين ??ضر?? موسيٰ پاڪ شهيد ابوالحسن جمال الدين گيلاني، ايم اين اي سيد سميع الحسن گيلاني، پير ڪ??ٽ مٺڻ شريف عامر ڪ??ريجه، سيد سهيل گيلاني ۽ ٻيا موجود هئا. سينيٽ چيئرمين اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود سان گڏ مرحوم ايم اين اي سيد علي حسن گيلاني جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته مرحوم هڪ مهربان ۽ رحمدل شخص هو. سندس لاڏاڻو گيلاني خاندان ۽ اوچ وا??ن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سينيٽ چيئرمين مرحوم لاءِ دُعا ۽ سوڳوار خاندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪ??و.