اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سامونڊي وسيلن جي تحفط ۽ بليو اڪانومي جي فروغ جي لاءِ خطي ۾ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چ??و آهي ته پاڪستان هندي سمنڊ جي علائقي ۾ سامونڊي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بليو اڪانومي تعاون تي ٽئين چين – هندي سمنڊ علائقائي فورم کي وڊيو خطاب ڪندي ڪيو. فورم جو انعقاد چين جي عالمي ترقياتي تعاون ايجنسي چ??ن جي شهر ڪُن مِنگ ۾ ڪيو آهي. صدر چيو ته ماحولياتي تبديلي، آلودگي ۽ ماحولياتي نظام جي تنزلي جهڙن مسئلن جو حل ڪرڻو پوندو، پاڪستان سامونڊي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ سمورين ڌرين سان حصيداري جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته اسان جو خطو امن، ترقي ۽ پ??ئي??اري جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي، مستقبل جي عالمي معاشي ترقي اوڀرندي ملڪن تي دارومدار ڪندي. آصف علي زرداري چ??و ته دنيا جي وڏي آبادي چ??ن ۽ اسان جي خطي جي ٻين ملڪن ۾ رهي ٿي. هن چيو ته سمنڊ مان ڀرپور فا??دو کڻڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر وڊيو ??يغام ۾ هندي سمنڊ ۾ امن، ترقي ۽ پ??ئي??اري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪ – چين اقتصادي ??نگ??ه تحت گوادر پورٽ کي ترقي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته گوادر پورٽ کي علائقائي رابطن جي مرڪز ۾ بدلايو ??يو ??ڃي، گوادر بندرگاهه سان واپار ۽ سامونڊي اقتصادي ترقي کي فروغ ملندو. صدر پاڪستان جي بليو اڪانومي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان نيشنل ميري ٽائيم پاليسي متعارف ڪرائي آهي، پاڪستان ۾ پ??ئي??ار ماهيگيري، سامونڊي تحفظ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. صدر چيو ته ليونگ انڊس پروجيڪٽ جهڙن منصوبن جو مقصد ماحولياتي نظام جو تحفظ، آلودگي جو مقابلو ڪرڻو آهي. صدر فورم جي هدفن ۾ پ??ئي??ار ترقي اتي ڌيان ڏيڻ تي چ??ن جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته فورم جي ايجنڊا ۾ صلاحيت ۾ اضافو ۽ ٻيٽن جي شموليت خوش آئنده آهي.