اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ڪيسن جي حوالي سان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي وڌيڪ ڪارروائي جمعو 10 جنوري تائين ملتو?? ڪئي وئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ خميس ڏينهن به ٻڌڻ?? ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر ??ضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. دفاع واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث دليل جاري رکيا. ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي جمعي تائين ملتو?? ڪئي وئي جنهن ۾ دفاع واري وزارت جو وڪيل پنهنجا دليل جاري رکندو.