اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو ??اڪستان جي هٿياربند فوج جهڙي طرح جواب ڏن?? ان کي دنيا ياد رکندي، ڀارت آر ايس ايس جي نفرت ۽ شيطانيت تي ٻڌل هندتوا نازي نسل پرستاڻي نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڀارتي قدمن سان ڏکڻ ايشيا جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي آرٽيڪل 370 اي جي خاتمي جو ??ڪطرفو قدم کنيو، والاريل ڪشمير جا 80 لک ماڻهو 9 لک ڀارتي فوج هٿان يرغمال آهن، مودي حڪومت 20 ڪروڙ مسلمانن کي نشانو بڻائي رهي آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن 26 فيبروري 2019ع جي ڀارتي جارحيت جو ??ڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.