اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??عميراتي شعبي جي لاءِ مراعاتي پئڪيج ۽ صنعت جو درجو ڏيڻ سان ٻين صنعتن کي هٿي ملندي، وزيراعظم جو اهو قدم نئين اميد ۽ ترقي جو پيغام آهي، مزدور طبقي کان وٺي سيڙپڪار برادري سڀ ان مان فائدو کڻندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته فڪسڊ ٽيڪس جو مطالبو تسليم ڪندي سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن تعميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو، تعميراتي شعبي ??ي فعال ٿيڻ سان ٻين صنعتن کي نئين زندگي ملندي جنهن م??ن هن??من?? ۽ غيرهن??من?? پورهيت فائدو کڻندا، پئڪيج ملڪ جي تعمير، عوام جي خوشحالي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.