اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ملاقات ڪئي ۽ ڪورونا رليف ٽائيگر فورس جي هفتيوار رپورٽ ??زيراعظم کي پيش ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٽوئيٽ موجب وزيراعظم سنڌ جي هڪ لک 54 هزار ٽائيگر فورس جي معاملن جي انتظامن جي ذميواري سنڌ جي گورنر کي ڏيڻ جي منظوري ڏني.