اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي خصوصي ماڻهن جي حوالي ??ان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي ??ي آجيان ڪندي خصوصي ماڻهن جي حوالي ??ان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ صدر سپريم ڪورٽ جي خصوصي ماڻهن جي حوالي ??ان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ ??هي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي حوالي ??ان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي ??ور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت عوامي جاين تي سهولتون فراهم ڪن.