اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يوم عاشور جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو آهي ته يوم عاشوره جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول حضرت ا??ام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي، حضرت ا??ام حسين رضه جي عظيم قربانين مان ??سا?? کي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن رسول صه جي ڏوهٽي جي جدوجهد جي انهن رخن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي رستي جو تعين ڪيو وڃي ته معاشري کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته ڪربلا واقعو ??سا?? کي اهم ترين سبق ڏي ٿو ۽ معاشري ۽ رياست جا ??عاملا ڪجهه ماڻهن يا ڪنهن گروهه جي خواهشن جي تابع نٿا ڪري سگهجن ڇو ته انهن معاملن جو سڌو سنئون تعلق شرفِ انساني، آزادي ۽ انسانيت جي ڀلائي ??ي عظيم مقصدن ۾ آهي جنهن کي مذهب اسلام جي رهنما اصولن تحت مشاورت ۽ اجتماعيت جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو.