اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ??يا?? بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ??يو آهي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفا??ي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اه??ي پارٽي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي ڪئي ۽ اهڙو ر??يو اختيار ڪيو جنهن کي پيپلزپارٽي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ??يا?? بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو ر??يو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي.