اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز مزار قائد جي معاملي تي هٿياربند فوج ۾ خود ??حتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان فيصلي جو قدر ڪري ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر د??خل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئي ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، سنڌ ۾ به قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??ني??ر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلا?? کانپوءِ صحافين کي بريفنگ دوران پاڪ فوج جي ڪورٽ آف انڪوائري جي رپورٽ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿياربند فوج هڪ منظم ادارو آهي، مزار قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر خود ??حتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپوءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.