مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي بهترين ترب??ت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ ق??م کڻي رهي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ ا??هن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبير آهي جيڪا ه?? قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز گائيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکار?? ۽ ??ڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت سان ا??هن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. ا??هن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتن کي اجاگر ڪر?? ۽ ??کارڻ جو موقعو ملندو آهي، ا??هن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ ا??هن جي اندر اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي م??هن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي روڪٿام جي حوالي سان ترب??ت فراهم ڪندي آهي.