اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن مل??قات ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان مل??قات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر مير خان محمد جمالي، صداقت علي عباسي ۽ پنجاب جو توانائي وارو وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ شامل هئا. خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر س??ف الله نيازي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني پڻ مل??قات ۾ شريڪ هئا. مل??قات ۾ بلوچستان ۾ پارٽي جي نئين سر تن??يم سازي ۽ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مير خان محمد جمالي وزيراعظم کي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان جي لاءِ رڪارڊ فنڊز جي فراهمي تي ٿورا مڃيا. پنجاب جي توانائي واري وزير ڊاڪٽر اختر ملڪ وزيراعظم کي صوبي ۾ توانائي جي مس??لن جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.