اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي انٽيليڪچوئل ڪميونيڪشن هائي ويز کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي پائيدار ??رقي ۾ ڊيجيٽل مالياتي نظام قائم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل ٽرانسفارميش?? جي عمل ۾ شفافيت کي اهم حيثيت حاصل آهي، ڪلائوڊ ڪمپوٽنگ، بلاڪ چين، نيٽ ورڪنگ ۽ مصنوعي ذهانت تي اسان جو ڌيان هجڻ گهرجي، خواهش آهي ته اسان جا نوجوان وينچر ڪيپيٽل، آئيڊياز بئنڪ ۽ انٽر پرينيوشپ جي ذريعي ملڪ جي خدمت ڪن ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن. هن اها ڳالهه جدت ۽ ڪاروبار ??ي من??قد عالمي ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. صدر چيو ته چوٿون صنعتي انقلاب آءِ ٽي ۽ ڪميونيڪشن جو انقلاب آهي، ڪنزيومر گڊز کان انٽيليڪچوئل گڊز جو انگ وڌڻ سان فور جي ۽ فائيو جي جي صورت ۾ رابطي ڪاري جو هڪ رستو کليو آهي، هي سنهري موقعو آهي. صدر چيو ته پاڪستا?? جي حڪومت نه رڳو تعليم عام ڪري رهي آهي ته جيئن هر شخص ۽ شهري پڙهيل لکيل هجي پر انهن ماڻهن کي هنر به سيکاري رهي آهي جيڪي تعليم ۾ پٺتي رهجي ويا آهن، ان سان گڏوگڏ حڪومت اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن کي علم ۽ هنر ۾ اضافي جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. موجوده دور جي گهرجن موجب ڪلائوڊ ڪمپوٽنگ، بلاڪ چين، نيٽ ورڪنگ ۽ مصنوعي ذهانت تي اسان جو ڌيان هجڻ گهرجي. صدر چيو ته ايف پي سي سي آءِ ۽ ٻين واپاري ۽ ڪاروباري تنظيمن ۽ ايسوسيئيشنز کي ان ڳالهه جو پڻ جائزو وٺڻ گهرجي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 500 سرفهرست ڪمپنين ۾ اهي ڪمپنيون اعليٰ مقام حاصل ڪري رهيون آه?? جيڪي انساني ذهن ۽ ذهانت سان واڳيل معاملن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، پاڪستا?? جي لاءِ اها ڳالهه ضروري اهي ته اسان اهي فاصلا جلدي سان طئي ڪريو?? جيڪي اولهه 30، 40 سال اڳ طئي ڪيا هئا. اسان وٽ اهي صلاحيتون ۽ وسيلا موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻيندي اسان پنهنجي نوجوانن کي ترقي جي سفر جي لاءِ تيار ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته اسا?? جي نوجوانن کي رهنمائي فراهم ڪرڻ جي به ضرورت آهي، حڪومت ان مقصد جي لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خاص طور تي اقتصادي زونز قائم ڪيا پيا وڃن، آءِ ٽي زونز ٺاهيا پيا وڃن ۽ انهن زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماڻه?? جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، ا?? جي لاءِ خام مال انساني ذهن ۽ دماغ آهي، پاڪستان ۾ نوجوان?? جي هڪ وڏي آبادي آهي، دنيا اسا?? جي طرف ڏسي رهي آهي، جاپا?? جي وزيراعظم مون کي ٻڌايو هو ته اسان هڪ لک تربيت يافته ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ تيار ??هيون، اهڙي طرح جرمني به چيو آهي. صدر چيو ته منهنجي خواهش اها نه آهي ته جن نوجوانن کي اسان تيار ڪريون اهي ماضي ۾ ??اڪ??رن ۽ انجنيئرن وانگر ملڪ کان ٻاهر هليا وڃن، منهنجي خواهش آهي ته اهي نوجوان وينچر ڪيپيٽل، آئيڊياز بئنڪ ۽ انٽر پرينيوشپ جي ذريعي ملڪ جي خدمت ڪن ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪن. صدر چيو ته ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن هن ملڪ جي اهم ضرورت آهي، جاپان ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن کي گورننس سان گڏائي پنهنجي معيشت کي تمام تيزي سان تبديل ڪيو آهي، پاڪستان جاپا?? جي تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر چيو ته ايندڙ 15، 20 سالن ۾ صنعت?? جي اندر وڏيون تبديليون اينديون ۽ اچي رهيون آهن. صدر چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته اها انٽيليڪچوئل ڪميونيڪشن هائي ويز کي بهتر ڪري، هر شهري جي فور جي ۽ فائيو جي تائين پهچڻ هجڻ گهرجي، ڊيجيٽل مالياتي نظام هجڻ گهرجي جنهن ۾ عورتن سميت سڀ بااختيار هجن. ڊيجيٽل ٽرانسفارميش?? جي عمل ۾ شفافيت به ضروري آهي ته جيئن اسا?? جي معيشت ترقي ڪري. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ترقي دير سان آئي آهي پر ان ۾ تمام گهڻي تيزي ايندي. صدر ڪانفرنس من??قد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ان سان نوجوانن کي اڳتي وڌڻ ۾ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر غربت جي خاتمي ۽ ميرٽ جي بنياد تي وسيل?? جي ورڇ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.