اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاڪستان آس??ريليا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آس??ريليا سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آس??ريليا سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آس??ريليا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آس??ريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آس??ريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻي جي انتظام، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آس??ريليا کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ڪاروباري دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ پنهنجو ڌيان جيوسياست کان جيو اڪنامڪس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جي ??وص??ا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو آس??ريليا ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آس??ريليا ۾ پاڪستاني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر زاهد حفيظ چوڌري کي آس??ريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي چيو ته هو پاڪستان آس??ريليا تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي طور تي پنهنجي فرضن کي بهترين طريقي سان انجام ڏيڻ تي زاهد حفيظ چوڌري جي واکاڻ ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو انهي جذبي سان آس??ريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏيندو.